نصيرآباد(ن پ ا) نصيرآباد لڳ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيرسن قتل، ڳوٺ دڙا ۾ نامعلوم ماڻهن پاران مراد علي پٽ علي نواز مغيري کي گهر ۾ گهڙي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن طرفان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته قتل ٿي ويل پيرسن جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هيو ، ٻي ڌر فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪيو، ٻي طرف قتل ٿيل پيرسن جِي زال جي فرياد تي نصيرآباد ٿاڻي تي 5 سڃاتل ۽ ٻن اڻڄاتلن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.