نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ ڀاڻ ۽ سارين جي واپاري منوج کان 3 نامعلوم هٿياربند ڳوٺ سعيد خان پنهور وٽ 17 لک 20 هزار روڪ رقم ۽ هڪ تولي جي سوني منڊي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن ڦر واقعي خلاف شهري اتحاد، رائيس ملرز ايسوسيئيشن پاران احتجاج ڪري معشوق ڦلپوٽو، جاويد علي ڳنواس، اشفاق علي مسڻ، سنتوش ڪمار، درشن لعل، مرلي داس، ڊاڪٽر رميش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.