نصيرآباد (ن پ ا) مقتول استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاء مقتول جي ڌيئرن سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار  جي اڳواڻي ۾ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو آھي  ان ريلي ۾ عورتن، سياسي سماجي ڌرين ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آهي. ان موقعي تي سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار چيو آھي ته اسانجي بابا هدايت الله لوهار کي نصيرآباد ۾ 39 ڏينهن اڳ قتل ڪيو ويو جنهن جي قاتلن جي گرفتاري لاء لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪيوسين پر لاڙڪاڻو پوليس اسان عورتن تي آنسون گئس استعمال ڪري اسان تي تشدد ڪيو ۽ جبري طور تي گرفتار ڪيو ويو جڏھن  ته پوليس مقتول هدايت الله لوهار جا قاتل ته گرفتار نه ڪيا ويتر اسانجي ڀائرن ۽ ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن کي قيد ڪيو ويو آھي اهيو ڪٿان جو انصاف آھي جو پيءُ به اسانجو قتل ٿئي ۽ ڀائر به اسانجا گرفتار ٿين جڏھن ته قاتل آزاد گهمندا وتن ٿا پر پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي جيڪو اسان سان ظلم آهي فرديادي به اسان آھيون ۽ جيلن ۾ گرفتار به اسانکي ڪيو وڃي ٿو هي ڪهڙو ملڪ آھي جتي اسانکي تصوير کڻي احتجاج ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي. هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته مقتول هدايت الله لوهار جا قاتل گرفتار ڪري ۽ اسانجي ڀائرن مٿان داخل ڪيل لاڙڪاڻي ۾ ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.