نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد جي واپاري فهيم شيخ جي ملازمن کان گاجي کهاوڙ روڊ تي هٿياربند هڪ لک ڏھه ھزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف شهري اتحاد جي صدر معشوق علي ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، عنايت الله تنيو ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي هنن مطالبو ڪيوته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي..