نصيرآباد(ن پ ا) شھري اتحاد نصيرآباد پاران ٻي ڏينهن به سيپڪو خلاف پرائيويٽ بئنڪ آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، علامتي بک هڙتال ۾ شهرين ، اتحاد جي تنظيمن جي اڳواڻن  شرڪت ڪئي، اڳواڻن معشوق ڦلپوٽو ، عاشق ڪلهوڙو رياض ڦلپوٽو  جاويد ڳنوانس ، عنايت الله تنيو ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ 18 ڪلاڪ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، سيپڪو عملي رشوت عيوض شهر جا ٽرانسفارمر بند ڪري ڇڏيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.