نصيرآباد ( ن پ ا ) نصيرآباد ۾ 13  هين ڏينهن به قومپرست اڳواڻ استاد ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي ڌيئرن سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار جي اڳواڻي ۾ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ پ ٽ الف نصيرآباد جي استادن ، شهرين، عورتن سياسي سماجي ادبي ڪارڪنن هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي سسئي لوهار، سورٺ لوهار شھري اتحاد نصيرآباد جي جنرل سيڪريٽري سائين اشفاق علي مسڻ ڪميونسٽ پارٽي اڳواڻ امداد قاضي، احمد علي واھوچو، عبدالوھاب بروھي چيو آھي ته مقتول هدايت الله لوهار جي قتل کي ڪافي ڏينهن ٿي ويا آھن پر نصيرآباد پوليس قتل ڪيس داخل نٿي ڪري جڏھن ته قاتلن جا ويڊيوز به پوليس کي مليا آھن پر هن وقت پوليس مقتول هدايت الله لوهار جي قاتلن کي ڳولي نه سگهي آهي، جيڪا نصيرآباد جي نااهلي آھي ، اسان ڪافي ڏينهن کان نياڻيون سراپا احتجاج آھيون، پر پوليس جو ڪو به اعليٰ عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي 3 مارچ تي نوابشاهه ۾ مقتول هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪنداسين، سڀني سنڌ واسين کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي. ھنن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتول ھدايت لوھار جي واقعي جو ڪيس داخل ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي نه ته اسانجو هي احتجاج جاري رهندو.