نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان ٻارهين ڪلاس جون شاگردياڻيون پيپر ڏئي واپس ايندي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، 18 ورهين جي زهران ڌيءُ غلام شبير وڪو موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 2 شاگردياڻيون 16 ورهين جي سلما ڌيءُ ممتاز وڪو ۽ 18 ورهين جي پرهه ڌيءُ وزير علي ڀٽي زخمي ٿي پيون، جن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري خانگي چوڪيدار کي گرفتار ڪري ورتو، سندس قبضي مان رپيٽر به هٿ ڪيو ويو، چوڪيدار صفدر بروهي موجب ريپيٽر صاف ڪندي فائر ٿي ويو، پوليس موجب صفدر نالي شخص وٽ ريپيٽر هيو ،جنهن جو اوچتو فائر ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو آهي.