نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڪرڪيٽ بورڊ جي تعاون سان ڪرايل دبئي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ميگا فائنل ٿي گذريو جانباز اليون ۽ الحسيني اليون ۾ ٿيندڙ فائنل مئچ  ۾ الحسيني پھريان بئٽنگ ڪندي مقرر ڏھن اوورن ۾ ڇھن وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاھيون عرفان پنھور شاندار بيٽنگ ڪندي 46 رنسون ٺاھيون جڏھن تـ جانباز ا ليون جي بالر بلاول 22رنسون ڏئي ٻـ وڪيٽون ورتيو 160 رنسن ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاء جڏھن جانباز اليون جا بئٽسمين ميدان تي لٿا تـ انھن جون وڪيٽون ڪرنديون رھيون ۽ پوري ٽيم صرف 91 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي جانباز اليون جي حسنين ٽڳڙ 15 رنسون ٺاھي نمايان رھيون جڏنھن تـ عرفان ڀائي 27 رنسون ڏئي چار وڪيٽون ورتيون، الحسيني جي ٽيم جانباز اليون کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ميچ کٽي ورتو، ان موقعي تي پاران ميچ کٽيندڙ ٽيم ۽ ھارائيندڙ ٽيم سميت امپائرنگ جا فرائض انجام ڏيندڙن کي انعام ڏنو ويو. جڏنھن تـ ٽورنامينٽ آرگنائيز ڪندڙ آلرائونڊر سجاد بروھي لالا عزيز بروھي کي بھترين ٽورنامينٽ ڪرڻ تي ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنو ويو.