نصيرآباد(ن پ ا) ڪڻڪ جو اگهه نه وڌائڻ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگهه نه گهٽائڻ خلاف، جماعت اسلامي طرفان نصيرآباد ۾ ابوبڪر ڪانڌڙي، ارباب علي ڀٽي، محمد قاسم لوهر ، سوشل ورڪر ياسر علي پتوجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، اڳواڻن چيو ته ڪڻڪ جو اگھه وڌائي آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جا اگھه سستا ڪيا وڃن.