نصيرآباد (ن پ ا) شھري اتحاد نصيرآباد جي سڏ تي ٻئي ڏينھن به بجلي جي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف شھري اتحاد جي صدر معشوق علي ڦلپوٽو، جاويد ڳنواس، عبدالحق ڪانڌڙو، عنايت تونيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاھ لطيف پبلڪ پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو تـ ايس ڊي او سيپڪو ۽ گريڊ انچارج ۾ سڌارو ڪونـ آھي ويتر ڏينھون ڏينھن لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ٿو وڃي. 50  سينٽي گريڊ موت مار گرمي ھلي رھي آھي ماڻھن ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو ۽ بخار جي بيماري پکڙجي چڪي آھي. بجلي تي ھلندڙ ڪاروبار بند ٿي چڪا آھن. بند ڪيل شھر جا 12 ٽرانسفارمر اڃان تائين بحال ناھن ٿي سگھيا. سڄو شھر پرائيويٽ ماڻھن حوالي ڪيو ويو آھي جيڪي پنھنجي من ماني سان لائين لڳائن بـ ٿا ۽ تارون لاھن بـ ٿا. رات جو لڳاتار 8 ڪلاڪن جو بريڪ ڊائون ڪيو ٿو وڃي، اڳواڻن گهر ڪئي ته لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، اڄ ٽئين ڏينھن بـ احتجاج جاري رھندو.