نصيرآباد(ن پ ا) شھري اتحاد نصيرآباد پاران صدر معشوق علي ڦلپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن ٽائون هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته شهر بجلي جي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، شھري اتحاد طرفان 3 ۽ 4 مئي تي بينڪ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، 8 مئي تي شام جو ٺل واري رائس مل کان مشعل برداري ريلي ڪڍي ويندي، 9 مئي تي شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي. ۽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.