نصيرآباد (ن پ ا ) نصيرآباد ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي ٽئين ڏينهن به نوناري پاڙي کان آرٿر واھ جي پل تائين معشوق ڦلپوٽو، عنايت تنيو، محمد عمر ڇٽو، حاجي محمد رفيق شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سميت ڪائونسلرن به شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته سخت گرمي ۾ روزانو 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، ڳرا بل موڪلڻ ۽ مختلف پاڙن جا ٽرانسفارمر بند ڪرڻ معمول بڻايو ويو آهي، گرمي پد 51 سينٽي گريڊ آهي پر بجلي مقرر شيڊيول سان نه ٿي ڏني وڃي، ھنن چيو ته جيستائين بجليءَ جي ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم نه ٿيندي ۽ سيپڪو عملدار زيادتيون بند نه ڪندا اسان جو احتجاج جاري رهندو.