نصيرآباد(ن پ ا) پنھنجين نياڻين کي پڙھايو تعليم ڏياريو عنوان هيٺ گرلز ڊگري ڪاليج نصيرآباد پاران پرنسپال جھانگير پيچوھو جي اڳواڻي ۾ ڊگري ڪاليج کان تعلقا پريس ڪلب تائين تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شاگردن، شاگردياڻين سميت شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گرلز ڊگري ڪاليج نصيرآباد جي پرنسپال جھانگير پيچوھو ڳالهائيندي چيو ته گرلز ڊگري ڪاليج نصيرآباد ۾ نياڻين کي داخلا وٺي ڏيو، ھن وقت ڊگري ڪاليج ۾ تمام سھولتون مھيا ڪيون ويون آھن. ھن وڌيڪ چيو ته والدين کي گذارش آھي ته اھي پنھنجين نياڻين کي تعليم جي زيور کان محروم نه ڪن، جن شاگردياڻين ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو آھي، انھن کي فورن ڊگري ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏين گرمين جي موڪلن بعد باضابطه ڪلاس ھلايا ويندا.