نصيرآباد (ن پ ا) نصير آباد ۾ بدامني خلاف شھري اتحاد جي احتجاجي ڪيمپ چوٿين ڏينھن پڄاڻي تي پھتي، ان ڏس ۾ اعلانيل شٽر بند هڙتال جون تياريون شروع ڪيون ويون ته قمبر شهدادڪوٽ جي ايس ايس پي سجاد حيدر قادري متاثر رائيس ملر منوج ڪمار جي ڪارخاني تي پهچي اڳواڻن جاويد ڳنواس، اشفاق مسڻ، نجي چنا، حفيظ تنيو، رياض ڦلپوٽو، رميش لعل ۽ درشن لعل سان ملاقات ڪئي، شهرين ٿيل چورين ۽ ڦرن بابت ايس ايس پي کي آگاهي ڏني ۽ پوليس جي سستي تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته شھر جي مک رستن تي پوليس چوڪيون قائم ڪري شھر مان ٿيل ڦرون، چوريون واپس ڪرايون وڃن، ايس ايس پي ڪجھه ڏينھن جي مھلت گھرندي چيو ته اميد آھي ته چور ۽ ڦورو گرفتار ڪيا ويندا، جنهن بعد اڄوڪي اعلانيل شٽر بند هڙتال جو سڏ واپس ڪورتو ويو.