نصر پور (ن پ ا) نصرپور ۾ هلندڙ پهرين شهيد بينظير ڀٽو نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ 3 ميچ کيڏيا ويا پهرين ميچ قلندر اسپورٽس ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر 8 اوورن ۾ 109 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ نصرپور فرينڊس جي احمد ڪشميري ۽ ارشد سمون جي تيز بيٽنگ سبب 7 اورن ۾ اسڪور ٺاھي ميچ کٽي ورتو. احمد ڪشميري 88 رنسن سان نمايان رھيو جنهن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ مرحوم مزمل ڪرڪيٽ ڪلب مقرر 8 اورن ۾ 80 رنسون ٺاھيون. جنهن جي جواب ۾ نصرپور قلندر جي اوپنر آنند ڪمار ۽ امت جوھن جي شاندار اوپنگ پارٽنر شپ سبب 6 اورن ۾ ٺاھي ڪاميابي حاصل ڪئي ميچ جو ھيرو آنند ڪمار رھيو. ٽين ميچ ۾ نصرپور فرينڊس پهرين بيٽنگ ڪندي 8 اورن ۾ 118 رنسون ٺاھيون جواب ۾ مرحوم مزمل زبردست راند ڪرڻ باوجود 1 رنس تان شڪست کائي وئي. هن ميچ جو مين آف دي ميچ ڊويزن حيدرآباد جو بهترين آل راونڊر ارشد سمون رھيو.