نصرت ڀٽو انساني حقن لاءِ دليراڻي ويڙهه ڪئي: آصف/بلاول

0
104

پاڪستان پيپلزپارٽي جي پهرين عورت چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو جيس اڄ ٻارهين ورسي ملهائي پئي وڃي

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جمهوري قدرن ۽ انساني حقن جي لاءِ دليراڻي ويڙهه ڪئي، بيگم نصرت ڀٽو جا قدر ۽ جاکوڙ اسان جي لاءِ رهنمائي جو مينار آهن

بلاول چيو ته هوءَ اسان جي دلين ۽ تاريخ ۾ سدائين زنده رهندي، هن هڪ بدترين آمر خلاف تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون، دنيا جي سياسي تاريخ ۾ انهن جو مثال نه ٿو ملي

هي به پڙهندا

بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ 12هين ورسي: نئون ديرو ۾ تقريب