ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ميرپورماٿيلو ۾ ٿي، پوليس جوابدار اصغر لنڊ کي پيش ڪيو ۽ ضمانت لاءِ عبدالله لنڊ ۽ فريادي يعقوب گڏاڻي عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا وڪيل نه پهتا، جنهن ڪري عدالت ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.