شهيد نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پوليس پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻنهي پٽن کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس جو حتمي چالان ميرپورماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع، شھيد صحافي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ايس ايس پي تنوير تنيو عدالت آڏو پيش نه ٿيو، ڊي ايس پي جاويد احمد عدالت آڏو پيش ٿي ڪيس جو حتمي چالان جمع ڪرايو، چالان ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽ نور محمد خان لنڊ ۽ شهباز خان لنڊ کي آجو قرار ڏيندي اصغر، برڪت ۽ عبدالله لنڊ کي جوابدار ڄاڻايو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو آهي ته 2 هفتا اڳ جوابدار ڌر مون کي نياپو ڪرايو ته ڪيس مان خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا ڪڍيا پيا وڃن، ٺاھه ڪرڻ لاءِ داٻا ڏنا ويا، عدالت مان انصاف ملڻ جي اميد آهي، انصاف لاءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به وينداسين