ڄامشورو(رپورٽر) مهراڻ، سنڌ، لياقت ميڊيڪل ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ”تحفظ ۽ نشي جي روڪٿام“ بابت مهراڻ يونيورسٽي آف  انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي مک آڊيٽوريم ۾ سيمينار ٿي گذريو. سيمينار کي ڊي جي رينجرس پاڪستان سنڌ ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري، ڊي جي اينٽي نارڪوٽيڪس فورس  ميجر جنرل غلام شبير ناريجو ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊي جي رينجرس  ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري چيو ته، يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نوجوان ملڪ جي ڪل آبادي جو هڪ فيصد به ناهن، جيڪي آبادي ۾ ته ٿورا آهن پر پنهنجي ذهانت ۽ صلاحيتن جي حساب سان ملڪ جو اهم اثاثو آهن. هن چيو ته ملڪي شهري جڏهن امن امان قائم ڪندڙ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪندا ته ملڪ ۾ نشي آور شين جي مڪمل روڪٿام ٿي سگهي ٿي. معاشري ۾ رهندڙ فردن جو جيڪو معيار هوندو اهو ئي فورسز ۾ ڪم ڪندڙ عملي جو به هوندو.