لاهور ( اسپورٽس نيوز ) فاسٽ بالر نسيم شاهه ورلڊ ڪپ کانپوءِ آسٽريليا جي دوري لاءِ به دستياب نه هوندو. فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪلهي جي انجري کانپوءِ تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي پر اڃا تائين هن بالنگ شروع ناهي ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طبي عملي نسيم شاهه کي ڇهن هفتن تائين ڪرڪيٽ جي ميدان کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو هو، جنهن بعد هن ٿوري گهڻي مشق شروع ڪئي پر کيس بالنگ شروع ڪرڻ ۾ اڃا وڌيڪ وقت لڳندو. نيوزيلينڊ خلاف سيريز تائين سئو سيڪڙو فٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.