ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون به پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه جي شاندار بالنگ جا ڳڻ ڳائڻ لڳو. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪايو، جتي نسيم شاهه پنهنجي تيز رفتاري ۽ سوئنگ سان نيوزيلينڊ جي بيٽرن کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو. ان ئي دوران اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر روي چندرن ايشون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو هي نسيم شاهه طرفان انتهائي شاندار اسپيل آهي. نسيم شاهه شروعاتي اوورن ۾ شاندار ڊسپلين جو مظاهرو ڪندي اڳوڻي نيوزيلينڊ ڪپتان ڪين وليمسن کي پويلين موڪليو. سوشل ميڊيا تي به نسيم شاهه جي بالنگ جون وڊيوز تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن، جتي ڪرڪيٽ جا مداح سندس مهارت جي ساراهه ڪري رهيا آهن.