ڪوئٽا(اسپورٽس نيوز) قومي فاسٽ بالر نسيم شاهه بلوچستان پوليس ۾ ڊي ايس پي مقرر ٿي ويو آهي. ڪرڪيٽر نسيم شاهه کي بلوچستان پوليس جو خير سگالي سفير مقرر ڪري ڊي ايس پي جي رينڪ سان نوازيو ويو آهي، هن جو عهدو اعزازي هوندو. آءِ جي پوليس بلوچستان عبدالخالق شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نسيم شاهه نوجوانن لاءِ رول ماڊل آهي، نسيم شاهه محدود وسيلن باوجود پنهنجو مقام ٺاهيو. عبدالخالق شيخ چيو ته نسيم شاهه کي اعزازي ڊي ايس پي مقرر ڪرڻ بلوچستان پوليس لاءِ اعزاز آهي. قومي هيرو جي خدمتن کي ساراهيندي اعزاز ڏئي رهيا آهيون. قومي فاسٽ بالر نسيم شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندي ننڊ جي پرواهه ناهن ڪندا، ننڍپڻ ۾ پوليس کان ڊڄ ٿيندو هو. نسيم شاهه کي ڊي ايس پي جي رينڪ تي لڳائڻ جي تقريب ۾ اعليٰ پوليس آفيسرن ۽ راندين سان سلهاڙيل شخصيتن شرڪت ڪئي.