لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻن ڪپتانن وسيم اڪرم ۽ شعيب ملڪ نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه کي مڪمل فٽ ٿيڻ تائين عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپس نه اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، مقامي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ٻنهي اڳوڻن ڪرڪيٽرن چيو ته نوجوان ڀلي واپس اچي پر پنهنجي صحت جو ضرور خيال رکي. هنن هندستاني ڪرڪيٽرن ڪي ايل راهول جسپريت بمرا به ڪافي وقت زخمي هئا جڏهن اهي مڪمل ٺيڪ ٿي ويا ته پوليس راند جي ميدان تي واپس آيا ۽ انهن اچڻ شرط شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته نسيم شاهه پاڪستان جو اثاثو آهي، مهرباني ڪري ان کي مڪمل وقت ڏيو جيستائين هو 100 سيڪڙو تائين فٽ نه ٿو ٿئي.