جوهانسبرگ (م ڊ) ڏکڻ آفريڪا سان واسطو رکندڙ نوبل انعام يافته آرچ بشت ڊيسمنڊ ٽوٽو لاڏاڻو ڪري ويو. ڊيسمنڊ ٽوٽو 90 ورهين جي عمر ۾  گذاري ويو، جنهن جي تصديق ڏکڻ آفريڪا جي صدر سرل رامافوسا ڪئي آهي. آرچ بشپ ڊيسمنڊ ٽوٽو کي نسلي بنيادن تي امتياز خلاف آواز اٿارڻ تي نه رڳو پنهنجي ملڪ پر عالمي سطح تي به ساراهيو ويندو آهي. ٽوٽو فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضي، موسمياتي تبديلين ۽ هم جسن پرستن لاءِ هڪ جهڙن حقن لاءِ آواز اٿاريو. کيس 1984 ۾ امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو هو. سندس لاڏاڻي تي وزيراعظم عمران خان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.