ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ سنڌ جي ناليواري شاعره، اديبا ۽ سٺي استاد ادي نسرين الطاف جي اوچتي وفات تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته ادي نسرين الطاف پنهنجي علم، ادب، تعليم ۽ تخليقن جي حوالي سان سنڌي سماج ۾ هڪ نمايان، بااثر ۽ عزت جي لائق شخصيت هئي. سنڌي ادبي بورڊ جي رسالن ۾ سندس لکڻيون ڇپجنديون رهيون آهن. هن ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگاريو ۽ علم جي روشنين سان منور ڪيو. ادي نسرين الطاف جون خدمتون، خاص ڪري سنڌي ادب ۽ تعليمي ميدان ۾ وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن جي شاعري، فڪر ۽ عملي جدوجهد هميشه يادگار رهندي. مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته رب پاڪ کان دعاگو آهيون ته مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، ۽ سندس گھر ڀاتين، شاگردن، دوستن، عزيزن ۽ ادب دوستن کي صبر جميل عطا فرمائي.