لاس اينجلس(شوبز نيوز) اداڪاره نرگس فخري پنهنجي دوست ۽ ڪاروباري شخصيت ٽوني بيگ سان شادي ڪري ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب شادي جي اها تقريب تازو ئي لاس اينجلس جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿي، جنهن ۾ رڳو ويجهن ۽ مخصوص ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪنهن کي به تصويرون ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي، شادي بعد جوڙو هني مون ملهائڻ سوئٽزرلينڊ هليو ويو، جڏهن ته اڃا تائين نرگس فخري ۽ سندس دوست ٽوني بيگ شادي جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي، ياد رهي ته اداڪاره نرگس ۽ ٽوني بيگ جي پهرين ملاقات 2022ع ۾ ٿي هئي ۽ پوءِ ٻنهي وچ ۾ ويجهڙايون وڌنديو ويون، 45 سالن جي نرگس فخري جو والد پاڪستاني ۽ والده جمهوريه چيڪ سان تعلق رکي ٿي، جڏهن ته اداڪاره جي پيدائش آمريڪا ۾ ٿي هئي، نرگس فخري بالي ووڊ ۾ فلم “راڪ اسٽار” ذريعي قدم رکيو هو، جنهن ۾ سندس سامهون هيرو رنبير ڪپور هو، ٽوني بيگ ڪشمير ڄائو آمريڪي آهي، جيڪو هن وقت لاس اينجلس ۾ رهائش پذير آهي.