اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا نجڪاري ڊويزن جي سفارش تي نجڪاري ڪميشن بورڊ جي ميمبرن جو انگ 8 مان وڌائي 11 ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم ملڪ جي اهم بورڊز ۾ عورتن جي نمائندگي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي ويزن تحت 3 نون بورڊ ميمبرن جي سيٽن تي رڳو عورتن کي مقرر ڪيو ويندو. 2 آگسٽ 2024ع تي ٿيل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلي ۾ وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته يوريا درآمد ڪرڻ بدران سيپٽمبر 2024ع کان پوءِ پاڪستان ۾ يوريا فرٽيلائزر فيڪٽرين کي ميونسپل گيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته يوريا ڀاڻ جي اگهن ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هر قسم جا قدم کنيا وڃن، وفاقي ڪابينا 2 آگسٽ 2024ع تي نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ايس او ايز جي نجڪاري لاءِ جيڪو جامع پلان منظور ڪيو ويو آهي ان کي ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ واري وزارت جي سفارش تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن اسلام آباد جي ڊيلي ويجز استادن کي ريگيولر ڪرڻ بابت فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۽ جمهوريه گوئٽي مالا جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ ايڪواڊور جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورتي معاهدي تي صحيحن جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا 5 آگسٽ 2024ع تي ٿيل رياستي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا 31 جولاءِ 2024ع تي قانون سازي ڪيس بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي.