ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي نجومي سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي وچ ۾ ايندڙ ڏيڍ سال دوران طلاق جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان جي جوڙي کي بالي ووڊ جي ڪامياب ۽ خوشحال جوڙن مان ڳڻيو ويندو آهي. ٻنهي 2012 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين ٻن پٽن جو اولاد پڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي نجومي سشيل ڪمار سنگهه طرفان جوڙي جي عليحدگيءَ بابت ڇرڪائيندڙ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن ڪرينا ۽ سيف جي مداحن کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. تازو ئي سشيل ڪمار سنگهه پنهنجي انٽرويوءَ ۾ جوڙي جي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته سيف ۽ ڪرينا ايندڙ ڏيڍ سال اندر ڌار ٿي ويندا. هن 2010ع ۾ ڪيل پنهنجي اڳڪٿيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون 2010 ۾ پنهنجي بلاگ ۾ لکيو هو ته هيءَ شادي نه هلندي، ڇو ته اهو ٻنهي جي ڪُنڊليءَ ۾ لکيل آهي.