ڪراچي: اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق دوري بعد مُلڪي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سُٺو پيغام آيو آهي، سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هر سال لکين پاڪستاني زائرين ڪربلا ۽ نجف ويندا آھن، اُتي کين ڪيترن ئي مسئلن جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، پاڪستاني زائرين جي مطالبي تي نجف ۾ پاڪستاني قونصليٽ قائم ڪيو پيو وڃي، جڏهن زائرين جي مسئلن جي مدد لاءِ خاص ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي ويندي، هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف زرداري ميثاق معيشت، وياج جي شرح گھٽائڻ، ڪاروبار لاءِ ڪنسورشيم ٺاھڻ، صنعتون لڳائڻ جي ڳالهه ڪري رھيو آھي، سي پيڪ جو تصور به آصف زرداري ڏنو هو، صدر زرداري آمريڪا جي دوري دوران چيو ھو ته اسان کي ايڊ (امداد) نه پر ٽريڊ (واپار) کپي. هن چيو ته انشااللھ چونڊون وقت تي ٿينديون، هن چيو ته 9 مئي جي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن کي قانوني طريقيڪار مان گذرڻو پوندو، هڪ سوال ۾ هن چيو ته اپوزيشن ليڊر حليم عادل پاڻ ڊڄي رھيو آھي ته اسيمبلي ۾ ڪيئن وڃي؟  اسيمبلي جا دروازا سندس لاءِ کُليل آھن، ھُو اسيمبلي اچي،کيس ڪجهه به نه چيو ويندو. باقي اسيمبلي کان ٻاھر مٿس ڪو قانوني ڪيس آھي ته اُنهي کي کيس منھن ڏيڻو پوندو.