ڪراچي : سانا ڪانفرنس ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو ۽ ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي، نثار کھڙي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪالا باغ ڊيم جي خلاف نعرا ھڻندا ھئاسين ته ڊيم جا حامي سڀ حرامي، جنهن تي سامھون ويٺل ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ھاڻي ڪئنالن جي حامين لاءِ به ڪجهه چئو،  نثار کھڙو پنهنجي تقرير ختم ڪري واپس روانو ٿيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته  وفاقي حڪومت اوھان جي بيساکين تي بيٺل آھي ـ انهي مان ھٿ ڇو نٿا ڪڍو؟  جنهن تي نثار کھڙي جواب ڏنو ته شهباز شريف جي حڪومت ان ڪري ٺهي ته ڪنهن به پارٽي کي اڪثريت نه هئي، جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي اڪثريت نه هوندي آهي ته هڪ طريقو هوندو آهي ته ٻيهر اليڪشن ڪرائي ويندي آهي، ٻيهر چونڊون برداشت نه پئي ڪري سگهياسين تنهن ڪري اسان هن حڪومت کي قبول ڪيو.