ڪراچي: ڪراچي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ بنگالين جي اولاد کي ڪارڊ مليا ته ڇا ٿيندو؟ هونئن به انهن جو بار کنيو ويٺا آهيون: پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار کهڙو بنگالين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي ٻيهر حمايت ڪري ڇڏي
ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي مون کي به خدشا آهن، پر آدمشماري جي مخالفت نه ڪنداسين
هن چيو ته ٻين صوبن جي ماڻهن تي به اسان اعتراض نه ٿا واري سگهون، پاڪستان جو ڪو به شهري ڪنهن به صوبي ۾ رهي سگهي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته سڀ ماڻهو ڳڻپ ۾ شامل ٿين
نثار کهڙو چيو ته ٻي صورت ۾ گذريل آدمشماري جيان اسان جي آبادي گهٽجي ويندي، آبادي گهٽجڻ سبب اين ايف سي ۾ حصو به گهٽجي ويندو