اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسرن کي عام چونڊون 2024 ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ڪيترن ئي تڪن تي اميدوارن جي ڪاميابي جا حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ اين اي 48 ۾ نتيجن جي مبينا تبديلي تي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي اميدوار علي بخاري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته علي بخاري فارم 45 موجب ڪامياب ٿيو آهي. رٽرننگ آفيسر اسان جي استدعا جي ابتڙ فارم 47 جاري ڪري ڇڏيو. اسان جي 50 هزار جي ليڊ کي ختم ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن استحڪام پارٽي جي نامزد ڪامياب آزاد اميدوار راجه خرم نواز کي نوٽيس جاري ڪندي رٽرننگ آفيسر کي اسلام آباد مان اين اي 47 ۽ 48 جا حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اين اي 47 جو نتيجو شعيب شاهين ۽ اين اي 48 جو نتيجو علي بخاري چيلينج ڪيو هو.  اهڙي طرح پي ڪي 73، 80 ۽ پي ڪي 82 جي به نتيجن خلاف ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن ٻنهي تڪن ۾ رٽرننگ آفيسرن کي حتمي نتيجا  جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پي ڪي 79 تان تيمور سليم ۽ پي ڪي 82 تان ڪامران بنگش نتيجن کي چيلينج ڪيو آهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 28، اين اي 49 اٽڪ، اين اي 50 اٽڪ، اين اي 55 راولپنڊي، اين اي 63 ۽ اين اي 65 جي نتيجن کي به چيلينج ڪيو ويو. پي بي 01، پي پي 11، پي پي 20، پي پي 14، پي پي 16، پي پي 31، پي پي 33، پي پي 59 جا نتيجا به  اليڪشن ڪميشن ۾ چيلينج ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي 10 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي آر اوز کي حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.