نبي سرروڊ(ن پ ا) سب ڊويزن ڪنري ايٽ نبي سر واهه جي راهمور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، پاڻي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو، ايريگيشن عملدارن خلاف نعريبازي. راهمور شاخ جي ٽيل ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار اڳواڻن نياز گجر، محمد ابراهيم گشڪوري، مجيد لغاري، شاهنواز گرگيز، شير محمد لغاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته راهمور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ ختم نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري سوين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻيل آهي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ دربدر آهيون. هنن چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن شاخ جي پڇڙي تائين مڪمل پاڻي گيج پورو ڪري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي. آبادگارن دانهيندي چيو ته سراسر خريف جي پوکائي شروع ٿيڻ کان وٺي اسان وٽ پڇڙي ۾ پاڻي جو شديد بحران رهيو آهي، جنهن ڪري خريف جي پوکائي نه ڪري سگهيا آهيون ۽ آبادگار توڙي هاري سخت پريشان آهيون، هنن چيو ته شاخ تي نااهل ۽ راشي عملو مقرر ڪيو ويو آهي جنهن ڪري منڍ ۾ سريعام پاڻي چوري سبب ٽيل تائين پاڻي نه ٿو پهچي. آبادگارن پاران ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ واڳيل اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ويو ته راهمور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي.