نبي سرروڊ(ن پ ا) نبي سر ٿر ويجھو نوجوان ناري جو گھر اندر مبينا ڦاھو کاڌل لاش هٿ، اوطاق عبدالجبار درس ۾ 22 ورهين جي ناري چاندي زال لال چند ڪولھي گھر اندر گارڊر ۾ رسو ٻڌي مبينا طور آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ناري جي وارثن پاران لٽڪيل لاش ڏسي نبي سر ٿر پوليس کي اطلاع ڪيو، جڏهن ته پوليس پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال ڪنري منتقل ڪري ڇڏيو. ٻي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ناري پاران گهرو اڻبڻت سبب زندگي جو انت آندو آهي. جڏهن ته نوجوان ناري شادي شده ھئي کيس ڪوبه اولاد نه ھو.