نبي سرروڊ (ن پ ا) نبي سرواهه جي سانوري شاخ کي ٿرڪول جي شاخن وٽان ڏنل پاڻي جو لنگهه بند ٿيڻ ڪري  آبادگارن ۽ رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن آچار جلباڻي، اڪبر ڪنڀار، الهڏنو جلباڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان کي هن پاڻي جي لنگهه جي رڪاوٽ جي ڪري لکين روپين جو نقصان رسي رهيو جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون، هنن چيو ته ٿرڪول انتظاميه جي غلط رٿا ۽ پاليسي سبب اسان جو زرعي پاڻي رڪجي ويو آهي ۽ هلندڙ پاڻي دوران لنگهه ۾ سلٽ ۽ گند ڪچري سبب بند ٿي ٿو وڃي، جنهن ڪري عذاب ڀوڳي رهيا آهيون، هر هفتي موري بند ٿيڻ ڪري ٽيل جي 16 واٽر ڪورسن تائين پاڻي نه ٿو پهچي جنهن ڪري بيٺل فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن،هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ واڳيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سانوري شاخ کي ڏنل پاڻي جو لنگهه درست نموني ٺاهي انصاف ڪيو وڃي