نبي سرروڊ (ن پ ا) نبي سر واهه جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ، گڏجاڻيون، احتجاج جو چتاءُ خبر موجب ڪنري سب ڊويزن ۾نبي سر واهه جي ٽيل جي 4 شاخن سانوري شاخ، ڪنري شاخ، راهمور شاخ، ۽ نبي سر مائنر ۾ گذريل ٻن وارن کان پاڻي جو گيج گهٽ هئڻ ڪري ٽيلن تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري چيٽ جي فصل جي پوکائي سخت متاثر ٿي آهي، ان سلسلي ۾ سانوري شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف ڊيني سر فارم تي گڏجاڻي منعقد ڪئي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ آبادگار شريڪ ٿيا ۽ ايس ڊي او آبپاشي پڻ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن ايف او چيئرمين محمد سعيد ميمڻ، سيد فخرالدين شاهه، آفاق انور آرائين، سيد پير علي شاهه، ميانداد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب چيٽ جي فصل جي پوکائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، شاخن کي 21 هين پاڻي ڏيڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري وڏي نقصان جو انديشو آهي، ان موقعي تي ايس ڊي او آبپاشي ظهور بوزدار آبادگارن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته 21 هين پاڻي وارو شيڊول ختم ڪيو ويو آهي ۽ شاخن کي 15 هون پاڻي ڏئي پورو گيج ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان موقعي تي ڪنري شاخ جي آبادگارن رفيق جٽ، ميوو چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شاخن جي ٽيل تائين پاڻي نه پهچڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.