نبي سرروڊ (ن پ ا) نبي سرروڊ ويجهو نبي سر واهه جي ٻانڊي شاخ نبي سر مائنر جي پڇڙي ۾ گذريل 30 سالن کان مسلسل پاڻي نه پھچڻ خلاف آبادگارن نبي سر مائنر جي پڇڙي تي نبي سر ڪنري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي باهيون ٻاري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي گورنمنٽ تجرباتي ٿري ڪيٽل فارم جي هارين ۽ آبادگار گهرام چانڊيو، دوست محمد، حاجي قاسم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪنري وايا نبي سر ٿر روڊ تي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پڻ ڌرڻو هنيو، اڳواڻن دانهيندي چيو ته گذريل 30 سالن کان نبي سر مائنر جي پوڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي جنھن سبب اسان فاڪاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آھيون. ۽ گورنمنٽ ٿري ڪيٽل فارم جا 1960ع کان ھاري آھيون ۽ اسان جي 1900 ايڪڙ زرعي زمين جا ٽي واٽر ڪورس مسلسل بند آھن، جنھن سبب حالتون ابتر آھن. هنن چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن ۽ ٻيا عملدار اسان کي پاڻي پھچائڻ جي بجاءِ واٽر ڪورس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، جيڪا سراسر اسان سان زيادتي ۽ ناانصافي آهي جڏهن ته اسان پنھنجي  مدد پاڻ تحت شاخ جي کوٽائي ڪيون ٿا، پر انتظاميه اسان کي روڪي رھي آھي جيڪو غير قانوني عمل آهي، هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽  لاڳاپيل اختيارين کي پرزور اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.