ڪنري(ن پ ا) نبي سر روڊ پوليس انوکي ڪارنامو سرانجام ڏيندي شھر ۾ سامان وٺڻ ويل هاري پورهيت کيچمند ڪولهي گرفتار ڪري نشي آوور گٽڪا جي 770 پڙين جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پورهيت جي گرفتاري کان اڳ سادن ڪپڙن ۾ نبي سر روڊ پوليس ڳوٺ شھلي واهه ۾ متاثر جي گهر تي چڙھائي ڪئي، جڏھن ته اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ٻئي پاسي گرفتار پورهيت جي ڀاءُ ڪلجي ڪولهي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته تر جو بااثر ماڻھو سياسي انتقام جو نشانو بڻائي پيو، پوليس ذريعي ڌمڪايو پيو وڃي گهر تي چڙھائي ڪئي وئي، آئون هٿ ڪونه آيس ته منھنجي ڀاءُ کيمچند کي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو، نبي سر روڊ پوليس بااثر جي چرچ تي ڪارروائي ڪئي آھي، اسان غريب ماڻھو آھيون جانين کي خطرو آھي، اختياريون نوٽيس وٺن.