اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کان سزا يافته جي نااهلي جي مدت 5 سالن مان وڌائي 10 سال ڪرڻ بابت نيب جي اپيل تي ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس بابر ستار ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته اهو هاڻي پهتو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل به نه اچي سگهيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جيڪڏهن اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل اچن ته ٺيڪ آهي، ٻي صورت ۾ فيصلو ڏينداسين. نيب پراسيڪيوٽر فائق علي جمالي جي سزا بابت عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته نيب ڪيس ۾ سزا مليل شخص جي نااهلي 10 سال هجڻ گهرجي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان ڪيس ۾ عدالت مددگار به مقرر ڪري سگهي ٿي، جنهن تي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي. تاريخ بعد ۾ طئي ڪئي ويندي.