حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ جي 10 کان وڌيڪ ضلعن ۾ پينشن، ايل پي آر، سروس بُڪن جي تصديق، زراعت ۽ پي ڊبليو ڊي جي چيڪن ۽ 100 ارب رپين کان وڌيڪ ٿيل ڪرپشن جو خبرون ”پنهنجي اخبار“ ۽ ”ٽائيم نيوز“ تي هلڻ بعد سنڌ جي ناڻي کاتي ڪالهه 27 ٽريزري عملدارن کي هيڊڪوارٽرن ۾ رپورٽ ڪرڻ سميت مختلف ضلعن ۾ بدلي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. مليل ڄاڻ موجب ناڻي کاتي پاران ڏيڍ مهيني کان مٿي ڄاڻايل مدن ۾ ٿيندڙ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪنٽرولر جنرل اڪائونٽس سان گڏجي ڪئي پئي وڃي. ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي تيز ڪندي ڪالهه حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم حسين جتوئي جي صحيح سان جاري ڪيل حڪم ۾ 18هين گريڊ جي ٽريزري آفيسر الهڏنو سيال، اي ڊي اي او ٽو سانگهڙ اشرف علي جانوري، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٺٽو ڌڻي بخش جهيجو، اي ڊي اي او ٿري حيدرآباد ممتاز علي سومرو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ڄامشورو ۽ علي اڪبر چانڊيو اي ڊي اي او ون نوشهروفيروز کي بدلي ڪري ناڻي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري پاران 22 آفيسرن کي مختلف هنڌن تي بدلي ۽ مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل ليٽر موجب 18هين گريڊ جي ٽريزري آفيسر ارشد رحيم قريشي کي ڪراچي کان جيڪب آباد، طارق مبين سهتو کي حيدرآباد کان دادو، محمد عثمان شيخ کي ٽنڊوالهيار کان اي ڊي اي او ٽو سانگهڙ، عبدالقادر شيخ کي سکر کان اي ڊي اي او ٽو حيدرآباد، عبدالرسول گليجو کي جيڪب آباد مان ڪشمور، رب نواز سنڌانو کي ڪشمور کان شڪارپور، حضور بخش ميمڻ شڪارپور کان سکر، قيصر علي هاشمي کي سکر کان ڄامشورو، قربان علي نوناري کي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مٽياري، محمد عالم سومرو کي عمرڪوٽ کان بدين، انور علي ٿيٻو کي ٽنڊوالهيار ۾ اي ڊي اي او ٽو جي عهدي تان هٽائي ٽنڊو الهيار جو ڊي اي او مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته جواهر لال کي سانگهڙ کان عمرڪوٽ، محمد هارون شيخ کي خيرپور کان اي ڊي او ٽو جي پوسٽ تان هٽائي اي ڊي او ون مقرر ڪيو ويو آهي. غلام حيدر خان کي ٽنڊو محمد خان سجاول، غلام قادر ميمڻ کي ٽنڊو محمد خان ۾ ئي اي ڊي اي او ٽو تان هٽائي اي ڊي اي او ون، عارف حسين ميراڻي کي ميرپورخاص کان سانگهڙ، امير علي سانگي کي ڄامشورو مان اي ڊي اي او ٿري حيدرآباد، ذوالفقار علي انصاري کي اي ڊي اي او ٽو مٽياري کان ميرپورخاص، حاجي مظفر خان کي مٽياري کان ميرپورخاص، اقبال احمد شيخ کي بدين کان ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل انڪوائري اينڊ ٽريننگ ڪراچي، عبدالله جاکڙو کي سجاول کان ٺٽو جڏهن ته نظير حسين منگي کي اي ڊي اي او ون نوشهروفيروز ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.