ڪراچي(شوبزنيوز) پاڪستان جي اداڪاره ۽ ماڊل اريج چوڌري چيو آهي ته ڊرامن ۾ ناڪاري ۽ ولن جا ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري ماڻهو سوشل ميڊيا تي گاريون ۽ پٽون ڏيندا آهن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي شخصيت هاڪاري آهي حقيقي زندگي ۾ جن شين خلاف آهيان ناڪاري ڪردارن ۾ اهي سڀ کان وڌيڪ آهن ان لاءِ ناڪاري ڪردار کي سمجهڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. ڊرامي ۾ زال مڙس کي الڳ ڪرڻ جو سبب بڻجندڙ عورت جو ڪردار ادا ڪندي سوچيم هي ڇا پئي ڪريان؟ اهو مختلف تجربو هو. هن چيو ته جيستائين ماڻهو ملندا ناهن سوشل ميڊيا تي گاريون ڏيندا آهن پر ملڻ بعد انهن جو نظريو تبديل ٿي ويندو آهي.