ناول جو جائزو … “بختاور مکيءَ جي”

0
17
ناول جو جائزو ... “بختاور مکيءَ جي”

هِي ناول ان دور جو قصو آهي، جڏهن انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مکي ٻيلو، اتي صدين کان رهندڙ ماڻهن، جانورن، پکين ۽ جيت جڻين جي آماجگاهه ۽ آسائش سان گڏ، هزارين خاندانن ۽ انهن جي چوپائي مال جي گذران جو ذريعو هو. هتي رهندڙ ماڻهن جي ثقافتي زندگيءَ جو بنياد ۽ محور سندن مال متاع تي هو. جيڪڏهن مينهيون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون خوش ته انهن تي گذران ڪندڙ ماڻهو به خوش. مکي ٻيلي ۾ مال لاءِ گاھ پٺي سان گڏ، ڳوٺاڻن جي اجهي اڏڻ لاءِ ڪاٺ ۽ ڪک پن سان گڏ، ٻيو به گھڻو ڪجھ هو.

                 ڳوٺاڻن جي سادي زندگي، جنهن ۾ سڪون ۽ باهمي احترام سان گڏ، جھيڙا جھٽا، چوريون چڪاريون ۽ انهن جون ڇيڙيون نبيريون به هيون، جيڪي زرعي ۽ مالوند سماج جون حصو هونديون آهن. سڀ ڪجھ ٺيڪ هلي رهيو هو پر جڏهن ڌاڙيلن جو آزار وڌيو ته انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

                 ناول جي مُک ڪردار بختاور کي ٻه پٽ هئا: هڪ جمعو ٻيو عثمان. جمعو مينهيون چاريندو هو ۽ عثمان اسڪول ويندو هو. جمعو طبيعت جو تيز هو ۽ ننڍي ڀاءُ کي مارڪٽ به ڪندو رهندو هو، جنهن تان ڪاوڙجي، عثمان هڪ ڏينهن گھر ڇڏي هليو ٿو وڃي ۽ ناتجربيڪاريءَ سبب، خرڪارن جي ور چڙهيو وڃي. جمعو ماءُ سان به هر وقت جھيڙو ڪندو رهي ٿو ته هُوءَ سندس شادي ڇو نٿي ڪرائي. ڳوٺ ۾ جعفر نالي هڪ وڏيرو به هوندو آهي پر زرعي سماج واري وڏيري جي ابتڙ، هِي وڏيرو، اوڙي پاڙي وارن جو ٻانهن ٻيلي ۽ همدرد آهي. سادي طبيعت وارو هي وڏيرو به صرف چوپائي مال تي گذران ڪندو آهي.

ٻيلي واري زمين، الاٽ ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪليڪٽر، کلي ڪچهري منعقد ڪري ٿو ته، اتي جعفر جي ڳوٺ وارا به اچن ٿا. اهي زمين وٺڻ بجاءِ، ڪليڪٽر کي ٻيلو بحال ڪرڻ لاءِ زور ڀرين ٿا. صرف بختاور زمين لاءِ درخواست ڏي ٿي. گھڻيون زمينون پنجاب کان گھرايل آبادڪارن کي الاٽ ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پنهنجي ٻنيءَ مان ڪنهن کي گذرڻ جو گس به نٿا ڏين. سندن رهڻي ڪهڻي، اُٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ پڻ مقامي ماڻهن کان مختلف آهي. عثمان کي، سومار جنائي، خرڪارن وٽان آزاد ڪرائي، ڪنهن سيٺ وٽ نوڪري وٺي ڏي ٿو. عثمان جي شادي، جمعي جي دوست ڦتوءَ جي نياڻي ڀاڳل سان طئه ٿئي ٿي ته هڪ رقيب به پيدا ٿي ٿو پوي. ڀاڳل جو سئوٽ ۽ ساڻس شاديءَ جو اميدوار خُدن، عثمان تي حملو ڪري ٿو پر عثمان جي حياتي بچي وڃي ٿي.

ٻيلي ختم ٿيڻ سان، هڪڙا مالوند ماڻهو مال کپائي ڇڏين ٿا ته ڪي ٻيا وري لڏي ٻئي پاسي هليا وڃن ٿا. مالوندن سان گڏ، اتان جا جھنگلي جانور ۽ پکي پڻ لڏي هليا وڃن ٿا. ڌاڙيلن جو آزار به خودبخود ختم ٿي وڃي ٿو. وڏي سماجي ۽ ثقافتي تبديلي اچي ٿي، مالوند سماج بدلجي زرعي سماج بنجي پوي ٿو. بختاور سئو سالن جي ٿي وڃڻ کان پوءِ، کٽ ڀيڙي ٿي وڃي ٿي. عثمان کي هڪ پٽ پيدا ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ کيس ٽي بي ٿئي ٿي، جنهن سبب هو گذاري وڃي ٿو. جمعي کي، ڀاڳل سان شادي ڪرڻ لاءِ چون ٿا پر هو انڪار ڪري ڇڏي ٿو. ائين هن ڪهاڻي جو اختتام ٿئي ٿو.

هن ناول ۾ مصنف جتي ٺيٺ مقامي ٻولي استعمال ڪئي آهي، اتي مقامي يا سنڌي ثقافت جي ذيلي شاخ، “مالوند سماج ۽ ثقافت” (Cattle Grazing Society & Culture)  جي  به متاثر ڪن عڪاسي ڪئي آهي. جنهن لاءِ، مصنف جس لهڻي. جھنگ جهر ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، ان جا استعارا ۽ تشبيهون، نڙ بيت، ڌنارن جون ڪچهريون، مال جون بيماريون ۽ انهن جا علاج، ملاکڙا، ٻيلهاڙا، چوريون چڪاريون، محبتون، رقابتون، تعويذ ڪرائڻ، جنن کان ڊڄڻ، بدي جي شادين جون بد رسمون، ڪڪڙن جو خفت، جوا، خانه بدوش عورتن سان عشق ۽ سرنديءَ وارن جي انهن سان عياشي وغيره جا قصا ايتري تفصيل ۽ چٽائي سان بيان ڪيل آهن جو پڙهندڙ کي لڳي ٿو ته هو اتي پاڻ موجود آهي.

هن ناول جو اصل جوهر آهي ٻيلي ڪٽجڻ جو درد، جنهن جو نه ڪو درمان ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڳوٺاڻن وٽ ان کي منهن ڏيڻ جي ڪا طاقت هئي. انهن جي وس ۾ صرف پنهنجي بيوسي جو اظهار هو. هو پنهنجن انهن پٽن ۽ مال جي گذرگاهن کي بس حسرت سان ڏسندا رهيا جن تي هاڻي ڌاريا اچي آباد ٿيا هئا. انهيءَ درد جي عڪاسي، مصنف سٺي نموني ڪئي آهي.

هي ناول، مصنف جي نيڪ نيتي، ٻولي ۽ ثقافت جي ڀرپور عڪاسي هئڻ سان گڏ، فني خامين جو به ڀنڊار آهي، جنهن تي مصنف لڳي ٿو ته ٿورو به توجهه نه ڏنو:

جڏهن عثمان، ڪيئي سال گذارڻ کان پوءِ، خرڪارن وٽان آزاد ٿيو ته هو فورن ڳوٺ ڇو نه ويو؟ هو وري سال ٻن تائين مزدوري ڪندو رهيو! اهو انساني فطرت جي خلاف آهي. جمعي جي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان کِٽ ڦٽ ۽ منهن ماري تقريبن پندرهن ويھ دفعا، ساڳين ساڳين جملن سان ورجائي وئي آهي، جيڪا بيحد بور ڪري ٿي.

روشن خيال مصنف جو ڪم آهي ماڻهن کي توهم پرستي مان ڪڍڻ پر هتي مصنف خود توهم پرستي ۾ بري طرح مبتلا آهي.

صفحي 102 تي پڙهجي ٿو ته سومار جنائي، عثمان جي فرمائش تي جنن کي حڪم ٿو ڪري ته اهي انڊيا مان، الائچي جي ٽاري پٽي کڻي اچن ٿا، جنهن مان تازي خوشبوءِ پئي اچي ۽ ٻه ننڍڙا ۽ سنهڙا هٿ ظاهر ٿين ٿا جيڪي اها ٽاري عثمان جي حوالي ڪن ٿا. ڪيڏي مهل، جن هنن لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جو جڳ کڻي اچن ٿا. هن قسم جي توهم پرستانه سوچ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي توقع ڪنهن روشن خيال ۽ جديد مصنف کان نٿي ڪري سگهجي.

پهرين بختاور کي عثمان جي شادي جي تڪڙ آهي پر مڱڻو ٿيڻ کان پوءِ کيس اها ڳالھ ڄڻ ته وسري ٿي وڃي. مڱڻو انگريزن جي دور ۾ ٿيو، تنهن کان پوءِ ٻنيون الاٽ ٿيون، ڌاريا آيا، جھنگ وڍي آباديون ڪيائون، پاڪستان ٺهيو، انڊيا کان ماڻهو هجرت ڪري آيا پر شادي جو نالو ئي نه! آخر ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته بختاور سئو سالن جي آهي ۽ عثمان جو پٽ اڃا ننڍڙو ٻار آهي ته عثمان جو انتقال ٿئي ٿو. ان وقت، هڪ اندازي موجب، جمعي جي عمر 75 کان 80 سالن جي وچ ۾ هئڻ گھرجي پر تاثر اهو ٿو ڏنو وڃي ته ڄڻ ٻئي پٽ اڃا جوان آهن، ڇو ته جمعي کي پنهنجي ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. لڳي ٿو مصنف، وقت جو ڪو حساب رکيو ئي ناهي.

جڏهن ڌاڙيلن جو آزار هو ته، مصنف لکي ٿو ته صوبيدار، ڳوٺاڻن کي بندوقون موڪلي ڏنيون ته هو ڌاڙيلن سان مقابلو ڪن! اها اڻ ٿيڻي ڳالھ آهي. جيڪڏهن بندوقن جي لائسنس جي ڳالھ هجي ها ته کڻي مڃجي ها. بختاور جي گھر ۾ کاٽ لڳي ٿو ته، بختاور کي خواب ۾ “باڇا پير” اچي کيس چوري بابت ٻڌائي ٿو! انهيءَ توهم پرستي جو ڪهڙو علاج ٿي سگهي ٿو!! مصنف بار بار لکي ٿو ته انگريزن ٻيلو سڪائڻ لاءِ، ان جو پاڻي بند ڪيو.

ٻيلو ڪو فصل ته ڪونهي جو ان جو پاڻي بند ڪبو ته سڪي ويندو. انهيءَ کي مشاهدي جي زبردست ڪمي ئي چئي سگهجي ٿي، ڇو ته نهري پاڻي بند ڪرڻ سان ٻيلو ڪڏهن به نه سڪندو. جيڪڏهن پنجن سالن ۾ رڳو هڪ دفعو به بارش پوي تڏهن به ٻيلو سلامت رهندو.  هڪ ڏينهن بختاور مال چارڻ وئي، سج بيٺي موٽي آئي، پوءِ ڏاٽو کڻي، گھوڙي تي چڙهي ٻني تان گاھ ڪرڻ وئي جيڪا پنج ڇھ ڪوھ پري هئي. پنجن ڪوهن  ۾ 16 ڪلو ميٽر ٿيندا آهن. ڇا هي ممڪن آهي؟

مشاهدي جي ڪمي ته جا بجا نظر اچي ٿي. مثلن: “پيرو، ڊڊي تان لهي، ڪانڀ ڪڍي ماني کائڻ لڳو”. اول ته ماني کائڻ مهل ڪانڀ ڪڍبي نه آهي، ڇو ته ائين ماني کائڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندو. ٻيو ته پيرو ٽنگن کان معذور آهي. هڪ معذور لاءِ، اهو ممڪن ئي ڪونهي ته هو ڪانڀ ڪڍي ويهي، ڇو ته ڪانڀ ڪڍي ويهڻ سان ٽنگن تي زور پوي ٿو.

مصنف ٿورو تاريخ جو مطالعو ڪري ها ته، کيس انگريزن طرفان، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جي اصل ڪارڻ جو پتو پوي هئا. مکي ٻيلو، حر مجاهدن جي محفوظ پناھگاهه هئي. نه صرف ايترو پر اتي ابو پوٽا به رهندا هئا، جيڪي هٿيار ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هئا، جيڪو فن هنن کي ٻن سِکن سيکاريو هو، جيڪي پورچوگيزن جي فوج ۾ رهي چڪا هئا. اهي هٿيار، حرن کي ڪم ايندا هئا. ڌاڙيلن جو ته بهانو هو، انگريزن کي اصل ۾ حرن جو مضبوط ٿاڪ ختم ڪرڻو هو.

فني خاميون پنهنجي جاءِ تي پر، علامتي طور ڏسجي ته هن ناول ۾ پنهنجي ڌرتي پيرن هيٺان کسڪڻ جو گھرو درد سمايل آهي. مکي ٻيلي جي ياد ڏياري، مصنف شايد، اهو چوڻ ٿو چاهي ته جيڪڏهن قوم هٿ تي هٿ رکي ويٺي رهي ته، ان سان به اهڙو ئي حشر ٿيندو جيڪو مکي جي مالوندن سان ٿيو.