نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ نانگ جي ڪکڻ سان مرندڙ پنهنجي ڀاءُ جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ شخص به نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو رياست پنجاب جي ڳوٺ ڀوواني پور ۾ پيش آيو. اطلاعن موجب نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿيندڙ ڀاءُ اروند جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ 22 سالن جي گووند مشرا لڌيانه ڳوٺ پهتو هو. ٻئي ڏينهن ئي گووند گهر ۾ سمهي رهيو هو ته نانگ هن کي به ڪکي وڌو جنهن سبب اهو به فوت ٿي ويو. اختيارين موجب گووند جنهن گهر ۾ سمهي رهيو هو اتي هڪ ٻئي شخص کي ان رات ئي نانگ ڪکيو هو پر اهو زنده بچي ويو، پر سندس حالت خراب هئڻ جي ڪري اهو اسپتال ۾ داخل آهي.