ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپان ۾ نانگن جي ڪري بلٽ ٽرين جي روانگي ۾ دير ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي مصروف ترين بلٽ ٽرين جي بجلي جي تار ۾ هڪ نانگ داخل ٿي ويو، جنهن جي ڪري ٽرين سروس بند ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته 39 انچ ڊگهو نانگ بجلي جي تار ۾ ڦاسي پيو هو، جنهن جي ڪري بجلي بند ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي وچ ۾ بلٽ ٽرين سروس ڏيڍ ڪلاڪ لاءِ معطل ڪئي وئي.