نانگن بلائن بابت ڦهليل خوف ۽ وسوسا … مير الطاف حسين ٽالپر

0
56
نانگن بلائن بابت ڦهليل خوف ۽ وسوسا ... مير الطاف حسين ٽالپر

 نانگ بلائون، ڪرڙيون ۽ انهن جهڙا ٻيا ريڙهيون پائيندڙ جاندار Reptiles سڏبا آهن. جاندارن جو هي گروهه ڌرتيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ 32 ڪروڙ سالن کان وٺي موجود آهي. هي گروهه جاندارن جي ٻين گروهن مثال طور جانورن، پکين، جيتن کان ڪافي مختلف گروھه آهي. هنن ۾ ساهه کڻڻ جو سرشتو ڦڦڙن وارو هوندو آهي ۽ چمڙي ذريعي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان آڪسيجن جذب ڪونه ڪري سگهندا آهن پر هنن جا ڦڦڙ ايترا طاقتور آهن جو ڊگهي وقت جي ضرورت جيتري آڪسيجن پاڻ وٽ جمع ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هن گروھه جا جاندار ڪميون، سيسر، واڳون، نانگ وغيره آساني سان پاڻي اندر به بغير ساهه کڻڻ جي زنده رهن ٿا. هي ٿڌي خون وارا جاندار آهن، هنن جي جسم جي کل سخت ۽ ڇلردار ٿيندي آهي، هنن ۾ جسماني گرمي پد برقرار رکڻ جي صلاحيت ڪونه هوندي آهي انڪري جسم جو گرمي پد معتدل رکڻ لاءِ گرم ۽ سرد موسمن ۾ هنن جي جسماني سرگرمي به تبديل ٿيندي رهندي آهي . ريڙهيون پائيندڙ جاندارن جي ٻن جنسن کان سواءِ باقي سڀني ۾ نسلي سلسلو آنن ذريعي وڌندو صرف Python ۽ Boa ٻه اهڙيون جنسون آهن جيڪي ٻچا ڄڻينديون آهن.

ريڙهيون پائيندڙ جاندارن جي ان مختصر تعارف پيش ڪرڻ جي ضرورت انڪري سمجهي جو نانگن بلائن جو تعلق به جاندارن جي ان ئي گروھه سان آهي ۽ اڄ هتي پاڻ نانگن بلائن جي باري ۾ پنهنجي معاشري اندر ڦهليل وهمن وسوسن عجيب ڏند ڪٿائن جو ڇيد ڪنداسين. نانگ بلائون يا اهڙا ٻيا جاندار جيڪي اسان کي خطرناڪ لڳندا آهن، انهن جي شڪل صورت کان اسان کي نفرت هوندي آهي ۽ انهن جي باري ۾ اسان جي عام روش اها هوندي آهي ته جتي ڏسو اتي ٿڏي تي ماري ڇڏيو … ان روش کي اسان احتياط سمجهندا آهيون ڇاڪاڻ ته اسان انهن کي انتهائي نقصانڪار ۽ خطرناڪ سمجهندا آهيون. اهڙو رويو اگر اڻ پڙهيل ماڻهن جو هجي تڏهن به سمجھه ۾ اچي ٿو پر پڙهيا لکيا وڏا وڏا عالم فاضل به ان بيماري ۾ ورتل هوندا آهن. ايتريقدر جو انهن اهڙيون روايتون به گهڙي ٺاهي پکيڙي ڇڏيون آهن ته نانگ بلائون مارڻ جو هيترو هيترو ثواب ملندو. اسان وٽ نانگن متعلق عام معلومات 99 سيڪڙو جوڳين ساڌن ڀوپن پاران ٻڌايل هوندي آهي. تعليمي نصاب ۾ اهڙي ڪا به سائنسي معلومات شامل ڪونه هوندي آهي جنهن مان تعليم يافته ماڻهن کي حقيقي ڄاڻ ملي سگهي. اتي بس نانگ جي ڏنگ جا خطرا ۽ بچاهه جا طريقا مختصر عبارت جي صورت ۾ ملندا.

ڪنهن کان به پڇي ڏسو ته سنڌ ۾ ڪيترن قسمن جا نانگ ٿيندا آهن ته ڀلي ڪيترو به پڙهيل هجي چوندو سوين قسم. ڇو ته جوڳين سنياسين اسان کي اهو ٻڌايو. حقيقت ۾ سنڌ اندر 45 کان مٿي نانگن جا قسم آهن ئي ڪونه. ٿيندا به ڪٿان جو پوري پاڪستان ۾ ئي جملي 70 کان 90 قسمن جا نانگ رڪارڊ ٿيل آهن. سڀئي نانگ يا نانگ جهڙيون نظر ايندڙ جنسون زهريليون به ڪونه ٿينديون آهن. سڀئي نانگ زميني به ڪونه ٿيندا آهن. انهن مان گهڻا ته پاڻيءَ وارا نانگ ٿيندا آهن جن جي رهڻي ڪهڻي ڪمي ڏيڏر يا واڳون وانگر پاڻيءَ ۾ هوندي آهي، اهي خشڪي تي تمام گهٽ ايندا آهن.  خشڪي تي رهندڙ نانگن مان ڪي 4-5 جنسون ئي سنڌ ۾ اهڙيون ٿيون ٿين جن جي ڏنگ سان انساني زندگيءَ کي خطرو هجي. اهڙي ريت پاڻي وارن نانگن جون وري 6-7 اهڙيون زهريليون جنسون سنڌ  ۾ لڀن ٿيون. هاڻي جيڪڏنهن سراسري انگ وٺجي تڏنهن به سنڌ  ۾ ملندڙ ناگن مان صرف 33 سيڪڙو ئي اهڙا نانگ آهن جيڪي اگر اتفاق سان ڪنهن انسان کي چڪ پائي وڃن ۽ ان ماڻهون کي وقت سر مناسب علاج نه ملي ته سندس جان ضايع ٿي سگهي ٿي. باقي 66 سيڪڙو نانگ ته آهن ئي بي ضرر جيڪي اگر اتفاق سان ڏنگي به وجهن تڏهن به ڏنگيل انسان جي حياتيءَ کي ڪو خطرو ڪونه هوندو آهي.

نانگ جو ڏنگ ۽ زهر

هر زنده جاندار وانگر نانگ کي به جيئرو رهڻ لاءِ خوراڪ جي لازمي ضرورت هوندي آهي. الله سائين هنن کي گوشت خور (carnivorous) بنايو آهي انڪري هو ويچارا اسان وانگر دال بصر يا رکي سکي ماني تي به گذارو نٿا ڪري سگهن. وري انهن جي جسماني بناوت به اهڙي جو نه هٿ نه پير جو ماڻهن وانگر بندوق هڻي يا ڄار اڏي شڪار ڪن.  انڪري الله سائين انهن کي پنهنجي خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو زهر وارو هٿيار عطا ڪيو آهي. هنن کي وات ۾ انسانن يا جانورن وانگر مضبوط ڄاڙي يا ڏند به ڪونهن جو شڪار جو گوشت پٽي ۽ چٻاڙي کائي سگهن انڪري کين پنهنجو شڪار سالم ڳهڻو پوندو آهي. اها ڳالھه به لازمي ذهن ۾ رکڻ کپي ته ناگن بلائن کي اسان انسانن وانگر پنهنجي گهر ڀاتين، خاندان يا پاڙي اوڙي جي خوراڪ جو الڪو به ڪونه هوندو آهي جو پنهنجي پيٽ ٻوڄا کان علاوه انهن جي لاءِ به اضافي خوراڪ حاصل ڪرڻ جو الڪو ٿئي. سو هي ويچارا صرف اهڙو شڪار ڳوليندا آهن جيڪو آسانيءَ سان سالم ڳهي سگهن ۽ جنهن مان ڪجھه عرصي لاءِ سندن پيٽ به ڀرجي پوي. ان جو دارومدار وري نانگن جي جسماني سائيز تي هوندو آهي. ننڍڙي قد بت وارن جو گذارو ننڍڙن جيتن جڻن يا ڏيڏرن مان ئي ٿي ويندو آهي ته وڏي جسامت وارا ازدها وري چڱا ڀلا وڏا جانور  ڇيلي جيترا به تاڙيندا آهن جيڪي وري اسان جي سنڌ جهڙي خشڪ بياباني علائقي ۾ ٿين ئي ڪونه جو هتي نه انهن جي رهڻ ۽ لڪڻ جهڙا گهاٽا جهنگ ۽ ٻيلا نه وري مناسب موسم ۽ آبهوا. هتي تقريبن سڀ اهڙا نانگ بلائون ٿا رهن جيڪي وڌ ۾ وڌ ڪوئي جيترو جاندر کائي سگهن. جيئن ته نانگن کي پڪڙيل شڪار سالم ئي ڳهڻو پوندو آهي انڪري ئي الله سائين هنن کي زهر جهڙو ڪارگر هٿيار عطا ڪيو آهي. جيئن ئي شڪار جي جسم ۾ نانگ جو زهر داخل ٿيندو آهي ته اهو بي حس، بي هوش ٿي ويندو اهي ۽ مزاحمت جي لائق نه رهندو آهي ۽ نانگ ان بي حس يا بيهوش ٿيل شڪار کي هوريان هوريان سڄو سارو سالم ڳڙڪائي ڳهي ويندو آهي. نانگ جو زهر جيئن ته ٻين به اهڙن جاندارن لاءِ خطرناڪ هوندو آهي جيڪي نانگ کائي نٿو سگهي انڪري الله سائين نانگ جي جسم  ۾ زهر جو به صرف مختصر مقدار رکڻ جو انتظام ڪيو آهي. بس ايترو مقدار جنهن کي هو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ شڪار تي استعمال ڪري سگهي. ان ڳالھه کي اسان کان وڌيڪ نانگ بهتر سمجهندا آهن ته اسان کي مليل زهر جهڙو قيمتي هٿيار ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪيتري مقدار ۾ استعمال ڪرڻو آهي جو اهو فضول ضايع نه ٿئي. ڇو ته کين خبر هوندي آهي ته اسان پنهنجو اهو هٿيار ٻين جاندارن تي پنهنجو روب ڄمائڻ يا شوبازي ڪرڻ تي ضايع ڪنداسين ته پيٽ پالڻ لاءِ شڪار تي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪونه بچندو ۽ پوءِ بک مري وينداسين. کين اها به خبر آهي ته اڻهوند ۾ ڪو ٻيو نانگ به اسان کي پنهنجو زهر اڌارو يا وياج تي ڪونه ڏيندو نه ئي وٽن ڪا ملڪيت يا ڳھه ڳٺو آهي يا ٻني ٻاري يا فصل جو آسرو…. سو جيڪي ٻه ڦڙا زهر جا الله شڪار ڦاسائڻ لاءِ عطا ڪيا آهن انهن کي ٻي ڪم ۾ ضايع ڪرڻو ڪونهي. جيئن ته هن ڌرتيءَ تي قدرت هر جاندار کي ٻئي جاندار جي خوراڪ به بنايو آهي انڪري هر جاندار پنهنجو سر بچائڻ لاءِ ٻين جاندارن کان خوفزده به رهندو آهي ته بطور احتياط پري رهڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي. ائين ئي جتي نانگ جي خوراڪ ننڍا جيت جڻيا ڏيڏر يا ڪوئا آهن ته اتي خود نانگ به وري ٻين جاندرن لاءِ خوراڪ هوندا آهن. جيئن پکين مان ڪيترائي شڪاري پکي، گهر ۾ پاليل ڪڪڙ ۽ مور به نانگن کي شوق سان کائين. جانورن ۾ نور، ڪتا، ٻلا، واڳون ، ڃاھا وغيره ايتري قدر جو ڪيترن ئي علائقن ۾ رهندڙ انسان به نانگ جو گوشت شوق سان کائيندا آهن.ڪجھه قسمن جا نانگ به ٻين نانگن کي کائي ويندا آھن. انڪري نانگ ويچارا به سدائين پنهنجو سر بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هو پنهنجي خوراڪ ۽ شڪار کان سواءِ ڪنهن تي به حملو ڪونه ڪندا آهن البته سر بچائڻ لاءِ دفاع ضرور ڪندا آهن. اهڙي دفاعي صورتحال ۾ انهن جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته دشمن کي خوفزده ڪري پاڻ کان پري رکن. دفاعي صورتحال ۾ هو پنهنجو زهر استعمال ڪرڻ کان آخري حد تائين پاسو ڪندا آهن.

هاڻي اسان انسان جن کي الله سائين عقل، شعور، علم ڄاڻ عطا فرمائي آهي، ٿورو ٿڌي سيني سان غور ڪريون ته نانگ مان اسان کي ڀلا ڪهڙو خطرو آهي؟ اسان جو جسم نانگ جي خوراڪ ڪونهي جو هو اسان کي شڪار ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهن. نانگن جو اسان سان ڪو سياسي سماجي اقتصادي قومي يا مذهبي اختلاف به ڪونهي جو بغض ۽ حسد سبب اسان سان دشمني رکن. انهن جو اسان سان ٻني ٻاري، پلاٽ، ملڪيت، ڪاروبار يا لين دين تي به ڪو جهيڙو فساد ڪونهي. ڪارو ڪاري يا عزت غيرت جو معاملو به ڪونهي جو پلاند وٺن. جڏهن نانگن کي اسان انسانن سان اهڙو ڪوبه مسئلو ڪونهي ته پوءِ تاڙ ٻڌي اسان تي حملو ڇو ڪندو؟ يا اسان کي مارڻ مان کيس ملندو ڇا؟ ها ڪڏهن اتفاقي طور تي جيڪڏهن نانگ ڏنگڻ جو حادثو پيش ايندو به آهي ته صرف اهڙي صورتحال ۾ جڏهن نانگ اسان مان پنهنجي جان جو خطرو محسوس ڪندو آهي ۽ ٻيو کس نه ڏسي اسان تي پنهنجي زهر جو هٿيار آخري ڪوشش تحت استعمال ڪندو آهي.

نانگن متعلق ڦهليل غلط ڏند ڪٿائون

قصن ڪهاڻين ۽ داستانن ۾ نانگن جي باري ۾ عجيب عجيب ڪوڙ مشهور ٿيل آهن. مثال طور نانگ خزانن تي پهرو ڏيندا آهن، نانگن ۾ اسان انسانن وانگر قبائلي يا سرداري نظام رائج آهي، نانگن ۾ انسانن وانگر دقيانوسي پيري مريدي جا سلسلا آهن يا انهن ۾ مذهب رائج آهن جو ڪي نانگ مومن ته ڪي ڪافر، ڪي رحمدل ته ڪي ظالم ٿيندا آهن. نانگن ۾ اهڙيون قوتون ٿين ٿيون جو هو انهن جي مدد سان پنهنجو روپ بدلائي سگهن ٿا، مثال طور نانگ مان ڦري انسان بڻجي وڃن… اهڙيون ڏند ڪٿائون نسل در نسل قصن ڪهاڻين جي صورت ۾ ٻڌندي ٻڌندي اسان لاشعوري طور تي انهن کي سچ پچ حقيقت سمجهي ويهندا آهيون جنهن ۾ حقيقت يا سچ جو ذرو به شامل ڪونهي صرف اسان جي بيوقوفي، جهالت ۽ توهم پرستي جو ڪمال آهي. نانگ به ٻين جاندارن وانگر جاندار آهن. ڄمن ٿا، هن ڌرتيءَ تي پنهنجي زندگي فطرت جي مقرر ڪيل قاعدن ۽ قانون تي هلندي گذارين ٿا ۽ مري ختم ٿي وڃن ٿا. پوري دنيا ۾ نانگن جي ڪا هڪ به اهڙي جنس ڪونهي جيڪا سوين هزارين سالن تائين زنده رهي سگهي. سراسري طور نانگ جي وڌ ۾ وڌ عمر به 30 سال ٿي سگھي ٿي ۽ ايتري عمر تائين به ورلي ئي ڪٿي ڪو نانگ جي سگهي ٿو. نانگن جو ڪوبه قسم گڏيل سماجي يا خانداني نظام تحت زندگي بسر ڪونه ڪندو آهي. هي اڪيلائي ۾ رهڻ پسند ڪندڙ جاندارن مان آهن. صرف جنسي ميلاپ جي مختصر عرصي دوران نر ۽ مادي نانگ ڪٿي گڏبا ته گڏبا نه ته هر ڪنهن جي واٽ جدا. ٻچن پالڻ جي ڪشت کان به فطرت هنن کي آجو رکيو آهي. جنسي ميلاپ جا جذبا به هنن اندر سال ۾ صرف هڪ ڀيرو مناسب موسم ۽ خاص  گرمي پد جي موجودگي ۾ بيدار ٿيندا آهن. اگر ڪنهن سال اهڙو مناسب ماحول ۽ موسم کين نصيب نه ٿئي ته ان سال انهن ۾ جنسي ميلاپ جو نظام به بيدار ڪونه ٿيندو. لڳ کان پوءِ نر ۽ مادي جون راهون ئي جدا.. ڄڻ ته هڪٻئي جا واقف ئي نه هوا. مادي لڳ کان پوءِ ڪا لڪل مناسب جاءِ ڳولي اتي آنا لاھي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏيندي آھي. آنن مان ٻچا ڪيتري عرصي ۾ نڪرندا ۽ انھن مان نر ماديون ڪيترا ٿيندا، اھو مٽيءَ. ماحول ۽ گرمي پد تي مدار رکندو آھي. ٻچا آنن مان نڪرڻ کان پوءِ  پنھنجي خوراڪ جو به پاڻ وڃي بندوبست ڪندا. ھاڻي سوچيو ته جنھن جاندار جي زندگي ايتري تنھا ھجي انھن ۾ سردار ۽ غلام ڪٿان ٿيندا؟ مرشد ۽ آقا بنائڻ جي انھن کي آخر ضرورت ڪھڙي جو بادشاھ پير دستگير جي حاضري ڀريندا؟ ھڪڙي ٻي دقيانوسيت اسان وٽ عام ڦھليل آھي ته نانگ خاص ڪري ڪاريھر نانگ جي مٿي ۾ ھڪ خاص قسم جي مڻ ھوندي آھي جيڪا اگر ڏنگ واري جاءِ تي رکبي ته اھا متاثر فرد جي جسم مان سمورو زھر چوسي وٺندي. اھڙي ڪنھن به شئي جو وجود ڪونھي. نه ئي ڪنھن زھريلي نانگ جي اندر ڪا اھڙي صلاحيت ئي ھوندي آھي جو اھو ڪنھن جاندار جي جسم ۾ داخل ڪيل پنھنجو يا پرائو زھر چوسي سگھي.

نانگ انسان جا دشمن نه پر دوست آھن

ھن ڌرتيءِ تي قائم نظام حيات ۾ سموري جيوت اھم آھي. ھتي سموري جيوت سڌي يا اڻسڌي طريقي سان ٻي جيوت جي مددگار ھوندي آھي.انسان کان سواءِ ٻي ڪنھن به جاندار جي اندر انتقام يا دشمني، دولت، طاقت، شھرت، اقتدار جھڙا جذبا ھوندا ئي ڪونھن. فرض ڪريو جيڪڏھن ٻي جيوت ۾ به اھڙا انساني جذبا ھجن ھا ته ھن ڌرتي تي زندگي ڪڏھن به قائم ئي نه رھي سگھي ھا. سڀئي ھڪ ٻئي تي پنھنجي طاقت آزمائي ڪڏھوڪو فنا ٿي وڃن ھا. حقيقت ۾ انسان کان سواءِ ٻي ھر جيوت ھن ڌرتي تي نظام حيات قائم ۽ برقرار رکڻ لاءِ ھڪٻئي جي مددگارھوندي آھي ۽ ھڪٻئي سان سھڪار ڪندڙ ھوندي آھي.

ائين ئي نانگ به ھن نظام حيات جو حصو ھجڻ ڪري پنھنجي حصو جو فرض نڀائيندا رھندا رھندا آھن. ھو اھڙن جيتن ۽ جانورن کي کائيندا آھن جيڪي انسانن جي پوکيل فصلن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا آھن. مثال طور ڪوئا، ماڪڙ وغيرہ. وري جيڪو فضلو خارج ڪندا آھن اھو زمين جي لاءِ قدرتي ڀاڻ ھوندو آھي.

نانگ جي ڏنگ کان پنھنجو بچاءِ ڪرڻ ضروري آھي. پر نانگ کان خوفزده ٿيڻ جي ھرگز ضرورت ڪونھي. نانگ توھان کي ڏسي پنھنجي حياتي بچائڻ خاطر ازخود ئي ڀڄي ويندو. (فيس بوڪ تان ورتل)