ٺٽو(رپورٽر) پير حسام الدين راشدي سنڌ جي مٽيءَ مان جنميل بين الاقوامي سطح جو عالم ۽ محقق ھيو سندس تحقيق جي حوالي سان ڪيل پورهئي جي رستي تي پنڌ ڪري تحقيق جو رڪيل ڪم مڪمل ڪري سگھجي ٿو ،اهڙو اظهار سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي پاران ٫سنڌ جي جڳ مشهور  اديب ،محقق ،تاريخدان ۽ صحافي پير حسام الدين راشديءَ مڪلي ۾ 43 هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪوٺايل ويھڪ ۾ سنڌ جي نامياري اديب ،محققق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ،سينيئر ليکڪ ڊاڪٽر ستار بلوچ ،سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ۽ ٻين پاران خطاب ڪندي ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ هنن چيو ته پير حسام الدين شاھ راشدي سنڌ جو مثالي محقق ،تاريخدان ۽ مورخ هئو، جنهن مڪمل قومي  زميداريءَ سان پاڻ تي عائد ٿيل قومي فرض نڀائيندي سنڌ جي تاريخ تي ڌارين ۽ غاصب حڪمرانن جي چڙھيل دُز ۽ ڌوڙ کي ھٽائي چٽو ۽ صاف ڪيو.هنن چيو ته پير حسام الدين راشدي سنڌ جو تمام وڏو ڏاهو انسان هيو جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌ جي ترقي پسند فڪر ،سوچن ۽ خيالن کي سگهاري انداز ۾ دنيا آڏو روشن ڪرايو، اهو ئي سبب آھي جو کيس نه رڳو سنڌ پر دنيا ۾ وڏي احترام ۽ پيار سان ياد ڪري مڃتا ڏني وڃي ٿي هنن وڌيڪ چيو ته پير حسام الدين راشدي وڏو محقق مورخ ۽ تاريخدان هوندي به سنڌ جي بهتر ۽ شاندار مستقبل لاءِ پريشان رهندو هيو ۽ سنڌ نوجونن مان مايوس نه هيو انڪري نوجوانن کي گهرجي ته ان جي ڪيل علمي ادبي ۽ تحقيقي پورهئي جو مطالعو ڪري ان مان نيون راهون ۽ رستا تعين ڪن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي خدمت ڪري ان جي  ناماچاريءَ جو سبب بڻجن جڏهن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر مارو خشڪ ، پروفيسر غلام مصطفيٰ چارڻ ، عبدالمجيد پليجو، منير ميمڻ ۽ ٻين    خطاب ڪندي پير حسام الدين راشديءَ جي عظمت ،ڏاهپ ۽ سندس ڪيل پورهئي کي سرخ سلام پيش ڪندي پير حسام الدين شاھ راشديءَ جي مزار تي پهچي حاضري ڀري دعا گھري چادر چاڙهي .