پشاور (م ڊ) آبپاشي کاتي جي ايگزيڪٽيو انجينيئرسوات درياهه ۾ 27 جون تي پيش آيل سانحي بابت پنهنجا بيان ۽ ثبوت جاچ ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪري ڇڏيا. سرڪاري ذريعن موجب، ايگزيڪٽيو انجينيئر وقار شاهه انڪوائري ڪاميٽي کي فلڊ الرٽ، واٽر ڊسچارج ريڊنگ ۽ ٻين ضروري دستاويزن سميت تفصيلي رڪارڊ فراهم ڪري ڇڏيو. جاچ ڪاميٽي طرفان پڇاڻو ڪيو ويو ته ” مينگورا باءِ پاس روڊ تي سياح ڪيئن ٻُڏا ؟“ جنهن تي وقار شاهه وضاحت ڪئي ته ”صبح ساڍي نائين وڳي تائين صورتحال نارمل هئي ۽ جڏهن سياح درياهه ۾ لٿا تڏهن به ڪا غيرمعمولي صورتحال نه هئي، ٻُڏي ويل سياح درياهه ۾ سيلفيون ڪڍي رهيا.“ وقار شاهه انڪوائري ڪاميٽي کي ٻڌايو ته صبح 10 وڳي کانپوءِ منگلا ور نالا، مالم جبا نالا، سوخ درا نالا ۽ مٽا نالا جو پاڻي سوات درياهه ۾ آيو. خوازا خيلا جي گيمن پل تان 26 هزار ڪيوسڪ پاڻي پوڻين يارنهين وڳي واقعي واري هنڌ پهتو، مقامي نالن جي پاڻي سبب درياهه ۾ درياهه جو وهڪرو تيز ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ سياح لڙهي ويا.جاچ ڪاميٽي طرفان آبپاشي کاتي کان سوال ڪيو ويو ته ڇا ٻوڏ صورتحال بابت وقت سر لاڳاپيل ادارن کي آگاهه ڪيو ويو هو؟ جنهن تي وقار شاهه جواب ڏيندي چيو ته ”خوازا خيلا جي گيمن پل وٽ صبح ساڍي نائين وڳي ٻوڏ صورتحال پيدا ٿي، جڏهن بحرين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مِينهن وسي رهيو هو ۽ جبلن تي ڪڪر پڻ ڦاٽو ۽ سوات درياهه ۾ مٽي ۽ پٿرن سان ڀريل پاڻي آيو جنهن جي نتيجي ۾ وهڪرو اوچتو وڌي ويو.
ايگزيڪٽيو انجينيئر موجب، صورتحال بابت ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي وقت اطلاع ڏنو۽ آبپاشي کاتي جو گيج ريڊر موقعي تي موجود هو ۽ ريڊنگ لاڳاپيل کاتن کي موڪلي رهيو هو