ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان اسيمبلي ۾ دهشتگردي واقعن ۽ بلوچ عورتن کي خودڪش بمبار بڻائڻ خلاف ٺهراءَ پيش ڪيو ويو. راندين واري وزير مينا مجيد ٺهراءَ ايوان ۾ پيش ڪيو. اجلاس ۾ جعفر ايڪسپريس دهشتگردي ۾ مارجي ويل ماڻهن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. مينا مجيد قرارداد پيش ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ عورت خودڪش بمبار جو وڌڻ انسانيت لاءِ خطرو آهي، دهشتگرد تنظيمون بلوچ عورتن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن، ان موقعي تي وڏي وزير سرفراز بگٽي خطاب ڪندي چيو ته رياست خلاف هٿيار کڻندڙن کي ختم ڪري ڇڏينداسين. جعفر ايڪسپريس تي حملو برداشت جوڳو ناهي، هاڻي صوبي ۾ امن لاءِ سخت فيصلا اڻٽر آهن، جيڪو بندوق کڻي رياست ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندو، اُن کي چِٿيو ويندو، سرفراز بگٽي جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي تشدد ۽ بندوق جي زور تي پنهنجو نظريو مڙهڻ گهرن ٿا، اُن لاءِ ڪڏهن ٽرين تي حملا ته ڪڏهن ماڻهن کي يرغمال بڻائي رهيا آهن، رياست ڳالهين لاءِ تيار آهي پر اهي ماڻهو تيار نه آهن، چيو وڃي ٿو رياست جنگ هارائي وئي آهي، پر رياست اڃا ته جنگ وڙهڻ ئي شروع نه ڪئي آهي، رياست جنگ وڙهڻ شروع ڪئي ته توهان کي ٻڌائيندس ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو، رياست صبر کان ڪم وٺي رهي آهي پر ائين نه ڪرڻ گهرجي، نالو وٺي ڇو نٿا چئو ته بلوچستان ۾ رتوڇاڻ ڪير ڪري رهيو آهي