حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پيش ٿي قتل ڪيسن جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ جاچ آفيسرن جي مڪينزم بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. آءِ جي عدالت کي جاچ ڪرڻ جي مڪينزم بابت آگاھي پڻ ڏني. جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي سنگل بئنچ ۾ ناري جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي فرخ لنجار ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ۾ آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته توھان آرڊر پڙھيو آھي، آءِ جي سنڌ چيو ته ها پڙھيو آھي. عدالت چيو ته سمورن پوليس جي جاچ آفيسرن کي ڪا به ڄاڻ ناھي، انھن کي سڌاريو وڃي، جاچ رپورٽ ۾ ڊمي جاچ آفيسر صحيح ڪن ٿا اھا ته ناانصافي آھي. جاچ آفيسرن کي خبر ئي ناھي ته چالان تي صحيح ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏين ٿا.آءِ جي سنڌ چيو ته اسان جاچ جي نظام کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، في ڪيس جي جاچ لاءِ جاچ آفيسر کي هڪ لک رپيا ڏينداسين. عدالت چيو ته ڪيس جي جاچ لاءِ هڪ لک رپيا؟ جاچ لاءِ ته 10 ھزار رپيا گھڻا آھن. آءِ جي سنڌ چيو ته 273 لا گريجوئيٽ آفيسر آھن، سمورا لا گريجوئيٽس آفيسر ڪراچي ۾ مقرر آھن. 132 جاچ آفيسر ۽ 101 انسپيڪٽر ليگل ڀرتي ڪيا آھن. انهن مان 42 ڪراچي ۾ ڪم ڪري رھيا آھن، 52 لا گريجوئيٽ آفيسر ڪراچي کان علاوہ ٻين ضلعن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ٿاڻن ۾ ته ڪمپوٽر موجود ئي ناھن جن تي پڪي ايف آءِ آر يا رپورٽ داخل ڪري سگهجي. آءِ جي چيو ته 700 ڊيٽا انٽري آپريٽر به ڀرتي ڪري پوليس ٿاڻن تي مقرر ڪيا ويندا، ايندڙ ھفتي ان جو اشتھار جاري ٿيندو. 143 اميدوارن جاچ آفيسر جو امتحان پاس ڪيو آهي انھن کي تربيت ڏيون پيا جن جڊيشل اڪيڊمي مان 7 ٽريننگون مڪمل ڪيون آھن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته توھان ڪيتريون پوليس موبائلون خريد ڪيون آهن. آءِ جي چيو ته سکر ۽ گھوٽڪي لاءِ 15 کان 17 موبائلون خريد ڪيون آھن. عدالت چيو ته پراسيڪيوٽر جاچ کي سپورٽ ڪندو آھي اھو پوليس جو ماڻھو ھوندو آھي. ٻڌڻي بعد صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته جاچ لاءِ 2 هزار اي ايس آءِ ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪيا ويندا جيڪي صرف انويسٽيگيشن ئي ڪندا. هن چيو ته اسين چئون سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي. ياد رهي ته ڪالهه آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جن قتل ڪيسن ۾ پيش ٿيو انهن ۾ ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻن جي حد ۾ 2 مختلف قتل ڪيس شامل آهن جنهن ۾ مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جي هڪ عورت جي قتل ۽ ڄامشورو ۾ غيرت جي نالي تي مهر خاتون جو قتل ڪيس شامل آهي. مهر خاتون قتل ڪيس جي وڪيل آصف بليدي ڳالهائيندي ٻڌايو ته 20 جولاءِ 2023ع تي مهر خاتون کي قتل ڪيو ويو هو. ڄامشورو ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيل ان واقعي ۾ جن ماڻهن جا جوابدار طور ايف آءِ آر ۾ نالا ڏنا ويا انهن کي پوليس جي ناقص جاچ سبب آزاد ڪيو ويو جڏهن ته ڪيس جي فريادي مقتول نياڻي جي والد محبت علي بليدي ۽ سندس مائٽن کي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائي جيل موڪليو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ اڳ ۾ ايس ايس پي ڄامشورو ۽ پوءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد پيش ٿيا جن کانپوءِ عدالت آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو هو جيڪو اڄ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي.