سنڌ ۾ اُڃ ۽ اُساٽ آهي، “العطش – العطش” جون صدائون آهن. اڪثر هنڌن تي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي. ڪنهن جي ڪَسي به ڪو نه چورائبي آهي پر هنن سڄو درياهه چورائي هن ڀونءَ کي بُٺ ۽ بنجر بنائڻ ۾ ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. اهي سمجھن ٿا ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڊيلٽا تائين ماڻهو ئي ڪو نه ٿا رهن، انڪري ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ اهي پاڻي ڇڏڻ کي زيان سمجھن ٿا ۽ اها ئي ذهنيت آهي جو ربيع جي ڇهن مهينن دوران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ اڌ ملين ايڪڙ فوٽ کان به گھٽ پاڻي (0.470 ملين ايڪڙ فوٽ) ڇڏيو ويو آهي. اهي انگ اکر به ان اداري جا آهن، جنهن تي سنڌو جي پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ جي ذميواري آهي ۽ اهو ادارو پاڻ ئي پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ ڌر بڻيل آهي. اها جيڪا اڌ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ واري سخاوت ڪئي وئي آهي، ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيل برساتن وارو پاڻي به شامل آهي. هن وقت ئي اهڙي حالت آهي، پر جڏهن سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ٺهي ٿا وڃن، پوءِ صورتحال ڪٿي وڃي بيهندي، ان جو تصور ئي ڪنبائيندڙ آهي.
هونئن ته وفاق ۽ پنجاب کي تمام گھڻيون ناانصافيون ڦٻنديون رهيون آهن، جو انهن ناانصافين ۽ جبر جي سنڌ مان ڪا وڏي مزاحمت نه ٿيندي آهي، پر هي پهريون موقعو آهي جو سنڌ جي تاريخي مزاحمت سامهون آئي آهي ۽ سموريون سياسي ڌريون درياهه تي ڌاڙي خلاف مِڙي مُٺ ٿيون آهن. سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ آڏو نه وفاق جا واعدا ۽ جڏا جواز بيهي سگھيا آهن ۽ نه وري سنڌ جي حڪمران جماعت جي وضاحتن جون ڦڪيون فرق پيون ڪن، جنهن جو ڪئنالن جي حوالي سان گوٿناٿ وارو موقف روز ڪنهن نئين لطيفي کي جنم ڏئي رهيو آهي. سياسي وائڙائپ آهي جيڪا چوڌاري نظر اچي رهي آهي. عوامي احتجاج جي مخالفت ڪندي ڪئنالن واري معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ تائين صبر جي تلقين ڪئي پئي وڃي ۽ اهو ڄاڻڻ جي باوجود ته سي سي آءِ جو سٽاءُ ئي اهڙو آهي، جو اتان ويتر ناانصافي کي قانون جواز ملي ويندو. هن وقت سنڌ جي مزاج جي درياهه ۾ اُٿل آيل آهي، جيڪو آڏو ايندو، اهو لڙهي ويندو. سنڌ جو عوام درياهه جي دفاع لاءِ اٿي کڙو ٿيو آهي. باقي جيتري قدر وفاقي حڪمرانن جو تعلق آهي ته اهي تاريخ مان سکڻ لاءِ تيار نه آهن. پنجاب ڪنهن به واعدي ۽ معاهدي تي عمل لاءِ تيار نه آهي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت ورڇ نه پئي ٿئي. ان ئي ٺاهه جي ڪُک مان 1994ع ۾ ٽه رخي فارمولا جو جنم ٿيو. پنجاب فلڊ ڪئنالن کي دائمي واهه بڻائي ٻارهو ئي هلائي پاڻي کڻي رهيو آهي. سنڌ کي پاڻي گدوءَ وٽ پهچائي ڏيڻ بدران چشما وٽ ڏنو وڃي ٿو، رستي ۾ ئي ان پاڻيءَ جو وڏو حصو لفٽ مشينن ذريعي چورايو وڃي ٿو. ٻيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي گھرج موجب ڇڏڻ ته پري جي ڳالهه، جياپي جيترو پاڻي به نٿو ڇڏيو وڃي. ڊيلٽا ۾ تباهي آئي آهي، ساحلي پٽيءَ تان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي، سمنڊ ڌوڪيندو اڳتي وڌي زرخيز زمينون ڳڙڪائيندو وڃي. ڪئنال ٺاهي سنڌوءَ جو پاڻي روڪڻ سان سڄي تهذيب ختم ٿي ويندي. ماحوليات ۽ معيشت جو موت ٿيندو. درياهه کي قيد ڪري هر شئي کي تباهيءَ جي تحت الثريٰ ۾ اڇلايو پيو وڃي.
حڪمرانن کي هيستائين هر مهم جوئي ڳچيءَ ۾ پوندي رهي آهي ۽ هن ڀيرو به ائين نه نظر پيو اچي. سنڌ جي مزاحمت جا آثار ۽ ڪاوڙ جو ڪارونڀار اها ڳالهه واضح ڪري رهيا آهن ته صورتحال وڏاندري ويڙهه ڏانهن وڌندي پئي وڃي ۽ ناعاقبت انديش حڪمران هن ملڪ کي ڪنهن وڏي هاڃي ۾ هڻي سگھن ٿا. انڪري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي نون ڪئنالن جي تعمير وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. سنڌ حڪومت کي به عوام جي موقف سان گڏ بيهڻ گھرجي. عوام جي مينڊيٽ جو حق ادا ڪيو وڃي، اقتدار کان سنڌ جا مفاد وڌيڪ عزيز هجڻ گھرجن.